تنبيهه الغافلين

تنبيهه الغافلين (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب 19 صدي عيسويءَ جي آخر ۾ بمبئيءَ جي علوي پريس مان ڇپيو. ڪتاب جو مؤلف محمد اسماعيل آهي. تبيهه الغافلين، معاشرتي ۽ شخصي خرابين بابت لکيل نصيحتن جو هڪڙو ننڍڙو رسالو آهي. هن رسالي جي ابتدا الله جل شان جي تعريف سان ڪئي وئي آهي. ان کان پوءِ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي فرمان ۽ فرمودي جي پابنديءَ جي اهميت سمجهائي وئي آهي. هن ۾ پڙهندڙن کي ذهن نشين ڪرايو ويو آهي ته نبي سڳورن کان پوءِ نصيحت ڪرڻ ۽ نيڪيءَ ڏانهن سڏڻ جو فريض عالمن تي آهي، ڇاڪاڻ ته حديث شريف موجب عالم نبين جا وارث آهن. عام مسلمانن تي فرض آهي ته عالمن جي ڪيل نصيحتن ۽ هدايتن تي عمل ڪن. تمهيد کان پوءِ ”تنبيه الغافلين“ کي ٻن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون باب معاشرتي خرابين ۽ ٻيو شخصي يا ذاتي ڪوتاهين بابت آهي. هن ڪتاب جو ڇاپو ٻيو، مطبع حيدريءَ بمبئيءَ، مان سال 1291هه/ 1874ع ۾ ڇپيو .


لفظ تنبيهه الغافلينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو